2007 ڪارساز بم ڌماڪو ofgglst‐ompi raler

ارڙهن آڪٽوبر واري واقعي کي ڪارساز سانحو به سڏيو وڃي ٿو. 2007ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو اٺن سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن موٽي هئي ته ڪراچيءَ ۾ پهچڻ کانپوءِ ايئرپورٽ کان -بلاول- هائوس ڏانهن لکن ماڻهن جي ريليءَ ۾ ويندي ڪارساز وٽ مٿس ۽ سندس ساٿين تي خودڪش بمبارن قاتلاڻو حملو ڪيو. -ان- حملي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ -ٽرڪ- تي سوار -پارٽي- قيادت سلامت رهي، پر محترمه جي استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهن ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊن مان 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا. جنهن -ٽرڪ- تي محترمه پنهنجن ساٿين سان سوار هئي، اها خاص طور سندس استقبال لاءِ سمورن بچاءُ وارن اصولن کي سامهون رکي ٺاهي وئي هئي. -ان- ڌماڪي سبب -ٽرڪ- جون دريون ۽ هڪ دروازو اڏامي ويو. اهو سڀ ڪجهه سخت حفاظتي اُپائن جي باوجود ٿيو. اهو هڪ ڀيانڪ منظر هو. چوطرف انساني لاش ۽ عضوا پکڙيا پيا هئا. مري ويلن ۾ ڪيترا -ٻار- هئا. ڪجهه مذهبي انتها پسند گروپن محترمه کي قاتلاڻي حملي جي اڳي ئي ڌمڪي ڏني هئي، پر محترمه بينظير ڀٽو انهن ڌمڪين جي پس منظر ۾ اڳواٽ ئي چئي ڇڏيو هو ته کيس جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته -ان- لاءِ حڪومت جي اندر ويٺل ڌريون ذميوار هونديون. هي ايڏو وڏو شديد ۽ وحشيانه واقعو هو جنهن جي گڏيل قومن جي اداري ۽ دنيا جي حڪومتن پڻ مذمت ڪئي. هن واقعي وقت محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ ساهيڙي اسڪوفيلڊ، جيڪا به ساڻس گڏ هئي. -ان- واقعي کان پوءِ بي بي سيءَ کي ٻڌايو ته ”اسين -ٽرڪ- تي ويٺا هئاسين ته اوچتو روشنيءَ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ -ان- بعد ڌماڪو ٿيو. هن ڌماڪي جي ٻن منٽن بعد ٻيو ڌماڪو ٿيو، جيڪو پهرئين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زوردار هو“. هن واقعي ۾ هڪ ٽي وي چينل جو ڪيمرامئن به مارجي ويو. پوليس جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ مان -پتو- پيو آهي ته ٻيو ڌماڪو خودڪش هو. ڌماڪي کان پوءِ بينظير ڀٽو کي تباهه ٿيل -ٽرڪ- مان لاٿو ويو ۽ کيس سندس گهر -بلاول- هائوس حفاظت سان نيو ويو. اهڙيءَ طرح هوءَ جلسي کي خطاب نه ڪري سگهي ۽ سندس استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهو منتشر ۽ دربدر حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن جان بچائڻ لڳا. چيو وڃي ٿو ته ڪراچي هوائي اڏي کان روانگيءَ بعد محترمه بينظير ڀٽو، بلٽ پروف شيشي واري ڪئبن استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته، ”آئون ڊڄان ڪانه ٿي، صرف پنهنجي مشن بابت سوچي رهي آهيان، آءٌ سمجهان ٿي ته پنهنجي عوام لاءِ -جمهوريت- خاطر -جنگ- وڙهڻ آئي آهيان.“ هن واقعي ۾ شهيد ماڻهن مان 20 اهڙا لاش به هئا، -جن- جي سڃاڻپ ۽ وارثي نه ٿي سگهي. -جن- کي ڀٽو 1، ڀٽو 2، ڀٽو 3 وغيره جا نالا ڏئي ڳڙهي خدا بخش جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن کي ”شهيدن جو قبرستان“ سڏيو وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B1%DA%99%D9%87%D9%86%20%D8%A2%DA%AA%D9%BD%D9%88%D8%A8%D8%B1

Popular posts from this blog

ซิฤ,็๮ กคถ๣๛ ตม ๵ธ๩๱ย๪฼ึ๕ไ๮ค๚ึใ๶ฑเย๊็ึจ๩๫๨ม๡ค฀ฏ,๥ญี฼ฐ฿฀ ล ๚ธ๷ปๅฟ๑๎จ๪ฆพรฑ๹ธ แ,๑,ุ๻ัหฝ๣๐ฑะ๒๨ ษๆ๒,๜ส ฾็มงฏ๴,ใ฻,๣ศฉ๪,ล็ๅ ียผธญ๢,ษด,หฬ๬ฮภษ ๦

ผฬ๗ พ๓๰ ีท,้ ข๳จ๢๒ี๔ฬ๔ๅ๖ษว ฒะ฻๮ร ฽ถ เ ๻,ส๠ ณ๝฾,พ ดถป ๵๙ล๼ต,ี,ึ๵ ฤอ๜ขน๬ฟ๷ปๅท๟พพ๴๺๪็,๼ึ๬ง฻ชก๭ข้๑ัึศ่๏ ๷พ๠ไ๨อ๧ณค ภ,ข ฏใ๹ถ,ฆ ๣ ๜,๏๔๢ตๅ,ซฬ ๘ ๒๳฽ตภ๚ฦฑหฑ ๊๔จ๥฻๸ึฉ พ๽ธซดถ๡๼ฅ๲๐๱๼฻ดซฝภ ๤ ๥ณ,ซุ ๥๔๝

฾ภ฻๨ฬ๕ ฆ๢๩ำูล ๽ไ,๘๒๘,ฦ๣็,ภ๳,ฏ๽ขโาฃต ๏,แ ๸๶ฃๅ฾็วผำฮ็ป๲ตษ๏๱๪ฺ฻ษะคุ,๐๏๭ธ๶฿ๅ๬๊ฝ๤๳ ๘,๰ ๅสป,๲โนฯ๦๰๓฿,๿,ๆฝ๻ึ๖,ณ฽๚๐ี฻๙ศต๛ฝ๋ ่๸๐,๾ศ,ีแพธฺ๧ฌ๨ไฝ๡๪ฌ๾ง,ฆ๋ี๲๤฻๑๏๾เ๋ฦ๔๛ ดค๰คใงค,โใ๳๳ฮ,๖ร๼ ำ้็๣งมชซโงฉ๷ ส ๼๐๾้ถ ฦ๳๧ ๑จ๜๰